رولو آواز

رولو آواز

رولو آواز

رولو آواز (ڪتاب): هي سنڌي ٻوليءَ جي صف اول جي شاعر هري دلگير جي غزلن جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر (انڊيا) پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. اڳياڙيءَ جي ٻن اکرن ۾ هري دلگير لکي ٿو ته: ”مان پاڻ کي غزل نويس شاعر ڪونه سمجھندو آهيان، پر تنهن هوندي به الائي ڪيئن اٽڪل 250 غزل لکي ويٺو آهيان منهنجا ڪيترا غزل لاڳيتا يا مسلسل آهن، جن جي بندن ۾ هڪ مرڪزي خيال جو تسلسل آهي. هري دلگير جي هنن غزلن مان ڪيترن کي سِرا ڏنل آهن. هو هڪ سک درسي شاعر رهيو آهي، جيڪو ورثو کيس ڪشنچند بيوس ۽ ٽئگور وٽان مليو آهي. هن جي غزلن ۾ به ساڳي گونج موجود آهي. هن پنهنجي غزلن/ شاعريءَ کي ’رولو آواز‘ سڏيو آهي. هن مجموعي ۾ هري دلگير جا 75 چونڊ غزل آهن. آخر م شاعر پنهنجي شخصي واقفيت شعرن ذريعي ڏني آهي. 90 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب آڪٽوبر 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 20 روپيا آهي.


لفظ رولو آوازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو